اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 736 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 13 متاثر م??يض ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 12 م??يض اسپتالن ۾ ۽ هڪ گهر ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 27 هزار 50 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 6 هزار 551، پنجاب ۾ 10 هزار 957، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 750، اسلام آباد ۾ 4 هزار 704 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 98 ، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشمير ۾ 610 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 9 هزار 646 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزا?? 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 89 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 855 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 26 هزار 216 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 688، بلوچستان ۾ 15 هزار 767، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 127، اسلام آباد ۾ 18 هزار 578، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 886، پنجاب ۾ هڪ لک 2 هز??ر 253 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 42 هزار 917 م??يض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 715 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina