پشاور – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سوات ايڪسپريس وي تي ٽن سرنگهن جي تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خيبرپخ??ون??وا جو وڏو وزير محمود خان ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به موجود هئا. وزيراعظم مڪمل ٿيل سرنگهن جو معائنو به ڪيو. زلام ڪوٽ، مالاڪنڊ آمد تي خيبرپخ??ون??وا جي وڏي وزير محمود خان ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڪمال اظفر وزيراعظم جو استقبال ڪيو، فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 80 ڪلوميٽر ڊگهي سوات ايڪسپريس وي تي 7 انٽرچينج قائم آهن، ايڪسپريس وي تي ٽي سرنگهون ڪڍيون ويون آهن جنهن جي ڊيگ??ه 1266، 271 ۽ 324 ميٽر آهي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت