اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگ??ون رڪارڊ ڪ??ون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگ??ون ٿ??ون جنهن مان 33 فوتگ??ون و??نٽ??ليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 629 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ و??نٽ??ليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، لاهور ۾ 30 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 33 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 32 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 427 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 536، پنجاب ۾ 22 هزار 819، خيبرپخت??نخ??اهه ۾ 8 هزار 713، اسلام آباد ۾ 4 هزار 759، بلوچستان ۾ هڪ هزار 690، گلگت بلتستان ۾ 282، آزاد ڪشمير ۾ 628 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿين??ڙن جو انگ 8 لک 63 هزار 111 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت و??نٽ??ليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل و??نٽ??ليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 418 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 47 هزار 764 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 32 هزار 140 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 493، بلوچستان ۾ 25 هزار 729، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 633، اسلام آباد ۾ 81 هزار 700، خيبرپخت??نخ??اهه ۾ هڪ لک 34 هزار 321، پنجاب ۾ 3 لک 42 هزار 192 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 23 هزار 72 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿين??ڙن جو انگ 21 هزار 265 آهي.
سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون: اين سي او سي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین