لاهور-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آه?? ته مون ٻن ڏهاڪن تائين آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهايو آه?? ۽ جڏهن مان آمريڪي ۽ پاڪستاني شاگردن وچ ۾ ڀيٽ ڪندو آه??ان ته مون کي پنهنجي وطن ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ ۽ صلاحيتون نظر اچن ٿيون. اولهه جي تعليمي ادارن جو نظام مستحڪم آه?? جنهن سان ان جي آئوٽ پٽ وڌيڪ آه??. هو لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. شهباز گل چيو ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي ترقي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو، لاهور ۾ سمارٽ بزنس سٽي ۽ رودا جي نالن سان جديد تقاضائن سان هم آه??گ ادارا بڻجي رهيا آه??، جنهن مان لکين نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چيو ته لاهور ڪاليج جي 30 شاگردن کي انهن ادارن ۾ نوڪري ڏيڻ جو وعدو ڪريان ٿو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جلد لاهور ڪاليج جي شاگردن کان انٽرويو شروع ڪندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت رحم?? للعالمين اٿارٽي جوڙي، اٿارٽي جا ڪجهه منصوبا جي سي يونيورسٽي ۽ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيا ويندا. اڄ شاگردن پنهنجي والدين ۽ پنهنجي اداري جو نالو روشن ڪيو آه??. هن چيو ته مان جڏهن پروفيسر هئس ته ماڻهو پُڇندا هئا ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آه?? ته مان چئي نه سگهندو هئس ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آه??، ڇاڪاڻ ته هر ڊسيپلين سٺو هوندو آه??، هر شعبي جي تعليم اهم آه??، معاشري ۾ عورت جي تعليم تمام ضروري آه??. 16 ڪانوويڪشن ۾ سال 2019ع جي 2563 ۽ سال 2020ع جي 2943 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن.
مون ٻن ڏهاڪن تائين آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو، پنهنجي ملڪ ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ نظر اچي ٿو: شهباز گل جو خطاب
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن