اسلا?? آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت جا اتحادي ڪالهه به گڏ هئا ۽ آئن??ه به گڏ رهندا، سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي ملاقات سان حڪومت کي ڪو به فرق نه پوندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي جو 16 ارب ۽ نيب ۾ ساڍا 7 ارب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس هلي رهيو آهي، هن چيو ته انهن کي خبر پئجي وئي اهي ته انهن جي چوري پڪڙي وئي آهي ۽ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جيڪا ڪالهه هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوندي هئي اڄ وري انهن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سياسي پارٽيون ملاقاتون ڪنديون آهن پر گذريل ساڍا ٽي سالن کان اتحادي حڪومت سان گڏ آهن ۽ آئن??ه به گڏ رهندا.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ