اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??با?? شريف سان صنعت ۽ پيدوار وا??ي وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير جو کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري جي روڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ??يندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت وا??ي وزير جي ڪوششن جي ڪري انڊونيشيا کان اڍائي ??ک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جهاز کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار وا??ي وزير جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي ??اڪستان رواني ڪئي ??ئي ??ئي.
وزيراعظم پاران صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس