اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه سان گڏ بيٺل رهندو، ان سلسلي ۾ حڪومت جاري ريسڪيو ۽ ريليف سرگرمين کي ملڪ گ??ر مهم ۾ توسيع ڏيڻ جو فيصلو ??يو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مُون سمورن وڏن وزيرن سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن کي ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قومي امدادي مهم جي ذميواري کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي. ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اسان واپاري برادري، مذهبي اسڪالرز ?? تعليمي ادارن جي حمايت حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چ??و ته هي هڪ صديءَ جو ??دت??ين زلزلو هو، اسان جي حيثيت ٻن ملڪن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي آهي ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : بونانزا