اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمي??ه علوي منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن کي جامع تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ا??تا??ن کي تربيت ڏني وڃي، منفرد صلاحيتن وارن ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لازمي آهي. هو منفرد صلاحيتن وارن ٻارن جي تعليم بابت ماهرن سان ملاقات ڪري رهي هئي. خاتون اول خصوصي ٻارن جي تعليم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ماهر ڊاڪٽر فوزيه خان سان ملاقات ڪئي. خاتون اول عالمي صحت واري اداري، نج?? تعليمي ادارن جي ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. خاتون اول بيگم ثمي??ه علوي چيو ته منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن طرف امتيازي سلوڪ جو خاتمو ڪرڻو پوندو، بيگم ثمي??ه علوي پاڪستان ۾ ماسٽر ٽرينرز کي خصوصي ۽ جامع تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏيڻ ?? آمريڪي تعليمي ماهر جي دلچسپي کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي معيار جي خصوصي تعليم جي تربيت سان پاڪستاني ا??تا?? فائدو کڻن، خصوصي ٻارن ??ي نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ا??تا??ن جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ خصوصي ۽ جامع تعليم جي لاءِ هي??تا??ين ڪيل قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ جامع ڪلاس روم ۾ خصوصي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن خصوصي ٻارن جي تعليم جي لاءِ ا??تا??ن جي تربيت جي شروعات پرائمري سطح کان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن کي جامع تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia