اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذم??وا??ن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پ??رائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ يونان ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، ڊي جي ايف آءِ اي، چيف ??يڪ??يٽري آزاد ڪشمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلرن جون ڪارروايون وقت سر ڇو نه روڪيون ويون؟ وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پ??يو ته متاثر ماڻهن جو جن ضلعن سان تعلق آهي اتان جي انتظاميا ملوث اسمگلرن ۽ ايجنٽن جي ڪاررواين جو وقت سر نوٽيس ڇو نه ورتو؟ وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي جاچ جي مڪمل نگراني ڪرڻ ۽ ذم??وا??ن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي جي لاءِ تجويزون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و زيرعاظم کي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوناني ڪوسٽ گارڊ 12 جون تي ٻيڙي جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب 700 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا. ٻيڙي مصري شخص جي ملڪيت هئي جنهن ۾ اڪثر سو??رن جو تعلق شام، ليبيا ۽ پاڪستان سان هو. ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن مان 102 ماڻهن کي زندهه ريسڪيو ڪيو ويو آهي جن مان 15 جو تعلق پاڪستان سان آهي. وزيراعظم چيو ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ ان واقعي جو مرڪزي جوابدار به شامل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انساني اسمگلنگ ۾ مختلف ملڪن ۾ موجود هڪ منظم نيٽ ورڪ ملوث آهي. وزيراعظم ان معاملي جي تفصيلي جاچ کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ان جي روڪٿ??م جا موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪمشنر گوجرانوالا کي پ?? ضلعي ۾ اهڙن ايجنٽس جي نشاندهي ڪري انهن کي جلد قانون جي پ??ڙ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha