اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت واپ??ر واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي روانگي واپ??ر وڌائڻ جي لاءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپ??ر واري وزارت پارا?? ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪيننگ ۽ معائني جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ٿيندڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن تان واپار جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام