ڪراچي – 02 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هيلپ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي ??ي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي ضرورت آهي، عوامي شڪايتون حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ هڪ ??المگير هيلپ لائين ۽ هڪ پليٽ فارم جي ذريعي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي نتيجي ۾ وڌيڪ موثر ۽ وقت سر نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وش??ي هيلپ لائين جيڪا هڪ ??يرسرڪاري تنظيم آهي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته عوامي ۽ نجي شعبي ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون آهن جيڪي شهرين کي ان ڏس ۾ ريليف فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ جدا جدا ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن وٽ شڪايتون وصول ڪرڻ ??ي لاءِ مختلف هيلپ لائينز آهن جڏهن ته اهو شهرين کي الجهن ۾ وجهي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن سان رابطو ڪيو وڃي. بيگم ثمينه علوي تجويز ڏني ته عوامي شڪايتن ۽ ه??گامي امداد ??ي لاءِ ڪالز وصول ڪرڻ ??ي لاءِ هڪ واحد ۽ ٺوس هيلپ لائين هجڻ گهرجي ۽ مختلف ڊومينز ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ادارا هڪ ڇت جي هيٺ ڪم ڪن ته جيئن شهري هيلپ لائين تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهن ۽ فوري ۽ موثر ڪارروائي ??ي لاءِ سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل اداري معاملي کي ريفر ڪري سگهجي. ??وش??ي هيلپ لائين جي باني محمد ??لي ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن خاتون اول کي ٻارن جي تحفظ خاص طور تي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ??ي لاءِ تنظيم جي ويزن، ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ??وش??ي هيلپ لائين انساني حقن واري وزارت، سنڌ پوليس، صوبائي ٻارن جي تحفظ جي ادارن، پاڪستان ريلويز، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري تنظيمن سان رابطو رکي ٿي. هن ٻڌايو ته ??وش??ي هيلپ لائين 20 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي مدد ڪئي آهي ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 9 هزار کان وڌيڪ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي آهي جڏهن ته آگاهي ۽ پهچ کي وڌائڻ ??ي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. بيگم ثمينه عارف علوي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ??ي لاءِ ??وش??ي هيلپ لائين جي ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيو. بعد ۾ ??وش??ي ٽيم خاتون اول کي سووينيئر شيلڊ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي.
زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هيلپ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس