اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ريشين فيڊريشن ڪائونسل جي روس – پاڪستان فرينڊ شپ گروپ جي سربراهه سينيٽر ولاد مير چيزوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس م??جب سينيٽر چيزوف 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالم?? مبصر طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي ز??ر ڏنو ۽ پرامن ۽ ش??اف چونڊن جي لاءِ چونڊ عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي وضاحت ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان روس ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : راکی