لاهور- 06 سيپٽمبر(اي پي پي) پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم دفاع پاڪستان کي يوم وفا عزم وطن طور ملهائڻ گهرجي، زنده قومون پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي هميشه ياد رکنديون آهن، ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. اهڙو اظهار هن ??وم دفاع جي موقعي تي ڪيپٽن سرور شهيد نشان حيدر جي يادگار سنگهوري سرور شهيد گوجر خان ۾ هڪ پروقار تق??يب ۾ ڪيو . تق??يب ۾ سياسي ، سماجي ۽ ادبي شخصيتن سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ راجا پرويز اشرف يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 06 سيپٽمبر تي اسان جي فوج دشمنن جو مقابلو ڪري انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ، دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف فوج ۽ عوام جو اتحاد وسارڻ جوڳو ناهي . هن ??ڌيڪ چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي اڄ پوري قوم فوج سان گڏ آهي. اڄ جو ڏينهن اسان جي محسنن جي قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آهي .اسان کي پنهجي بهادر پٽن تي ناز آهي. هن ??ڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي قوم ڪشمير ڪاز ۽ ولاريل وادي جي ڪشميرين سان گڏ آهي . پر امن بقاءَ تحت سمورن پاڙيسري ??لڪ?? سان خوشگوار لاڳاپا چاهيون ٿا . قائد اعظم جي اصولن ۽ قاعد عوام جي ويزن سان اسان سڀ اڳيان وڌي سگهون ٿا.
زنده قومون پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي هميشه ياد رکنديون آهن: اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب