اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چي?? آهي، ته اسان سڀني کي عالمي دنيا وچ ۾ ??من?? رواداري ۽ گڏي?? بقا جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي، عالمي قانون ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطر?? آهي. اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهجي. دنيا ۾ ترجيح تڪرارن بدران انسانيت کي درپيش مسئلن جو حل هئڻ گهرجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دنيا وچ ۾ امن جي اصولن سان پنهنجي وابستگي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هلندڙ سال امن جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”امن جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ“ آهي. اسان سڀني کي سڄي دنيا وچ ۾ ??من?? رواداري ۽ بقا واري گڏيل ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي. اڄ دنيا جي مختلف علائقن ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سميت ٻيا تڪرار درپيش آهن. صدر مملڪت چيو ته تڪرار عالمي طور تي امن لاءِ خطر?? آهن. اسرائيل فلسطين ۾ دهشتگردي جي بازار گرم رکي آهي.اسرائيل هزارين ماڻهن جي غزه ۾ قتل عام سان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهي?? آهي، صدر مملڪت چيو ته هندو پرست کان متاثر مودي حڪومت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمي?? ۾ ??نگين انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، مودي حڪومت ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻاي?? آهي. ڀارت مسلمانن کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم رکي?? آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي قانون ۽ انساني حقن جون کُليل خلاف ورزيون دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطر?? آهن، اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي تڪرارن کي ترجيح ڏيڻ بدران انسانيت کي درپيش مسئلن کي حل کي ڏيڻ گهرجي. غربت، بک، ناانصافي، ظلم، اڻبرابري ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهجي. صدر مملڪت چيو ته اچو ته ??من?? رواداري ۽ انساني وقار جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون. اسان سڀ گڏجي هڪ پرامن مستقبل ۽ بهتر دنيا جوڙي سگهون ٿا ۽ هڪ اهڙي دنيا قائم ڪري سگهون ٿا ته جتي اسان ج?? ايندڙ نسل امن ۽ هم آهنگي سان رهي سگهن.
عالمي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل بقا جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي، عالمي قانون ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی