اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزارت هلندڙ مهيني اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اثرائتي سيڪيورٽي کي يقي??ي بڻائڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران پاڪ فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پنجاب پوليس جي اضافي نفري به مقرر ڪئي ويندي. اربع ڏينهن وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي تيارين جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمانڊنٽ ايف سي، سيڪٽر ڪمانڊر پاڪستان رينجرز ۽ سيڪيورٽي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. گهرو وزير چيو ته هلندڙ مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ وڏي اهميت وارو آهي، سمٽ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن، عالمي ڪانفرنس جو پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ پوري قوم لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي فول پروف انتظامن کي هر سطح تي يقي??ي بڻايو ويندو. ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي اسلام آباد کي خوبصورت بڻايو ويندو ۽ صفائي جا خصوصي انتظام ڪيا ويندا. هن چيو ته ايس سي او اجلاس دوران س??ور?? لاڳاپيل ادارا گڏيل تعاون سان پن??نجو مقرر ڪيل ڪردار ادا ڪن، سڀني کي گڏيل سهڪار سان ان اهم سربراهي اجلاس کي پرامن ۽ ڪامياب منعقد ڪرڻ کي يقي??ي بڻائڻو آهي.
گهرو وزارت پاران شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اثرائتي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔