اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي دوران شهادت ??اڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ج?? لاءِ ڪارروايون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار نور احمد کي ملڪ ج?? لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪر?? تي قوم پاران سلام آهي، ملڪ جي دفاع دوران وڏي قرباني پيش ڪر?? تي پوري قوم شهيدن جي ٿورائتي آهي. صدر ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪر?? تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين ج?? لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج