رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشا??و بڻائڻ وارين ڪارر??ائ??ن کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سان ٽيليفون تي فلسطين بابت صورتحال تي ڳالهيون ڪندي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌرين کي انساني حقن بابت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ ??اء?? مربوط ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي فوري طور روڪڻ ??اء?? قدم کڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهيون ڪيون. مصر جي پرڏيهي وزير ۽ اردن جي نائب وزيراعظم سان رابطي دوران غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائن ??اء?? گڏيل قدم تيز ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ روڪرائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه آمريڪي پرڏيهي وزير هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته ??رڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ رابطي م فلسطيني اٿارٽي تي اولهندي ڪناري ۾ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ تي زور ڀريو.
غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪيون ٿا: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی