تهران-16 جنوري (اي پي پي) ايران عراق ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. رائٽرز مطابق ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ويو آه?? ته ايراني پاسداران انقلاب فورس عراق جي نيم خودمختار علائقي ڪردستان ۾ اربيل ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو آهي. پاسداران انقلاب هڪ بيان ۾ اسرائيل جي جاسوسي ايجن??ي موساد جو نالو کڻ?? چيو آه?? ته جاسوسي جي مرڪزن ۽ خطي ۾ ايران مخالف دهشتگرد گروهن کي اجتماعن کي تباهه ڪرڻ لاءِ بيلسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آه?? ته اربيل جي اتر اوڀر ۾ آمريڪي قونصل خاني ويجهو هڪ رهائشي علائقي ۾ انهن حملن کان علاوه ايران ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ فردن جن ۾ داعش جا ڪارڪن به شامل آه??، خلاف حملا شروع ڪيا آه??. هوڏانهن آمريڪا جي ٻن عهديدارن رائٽرز کي ٻُڌايو آه?? ته ميزائل حملن سبب آمريڪي ٺڪاڻن متاثر ناهن ٿيا. ايران آمريڪا تي الزام لڳايو آه?? ته هو غزه ۾ اسرائيل جي ڏوهن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.
ايران جي پاسداران انقلاب طرفان ڪردستان ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات