بيجنگ – 30 مئي (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ چين عرب رياستن جي سهڪار جي فورم کي خطاب ۾ عرب دنيا سان پنهنجي ويجهن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو آه??. رائٽرز جي رپورٽ مطابق چيني صدر بحرين، مصر، گڏيل عرب امارتن ۽ تيونس جي سربراهن س??ن گڏو گڏ عرب ليگ جي ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي هن فلسطيني ڪاز لاءِ ڪيترائي واعدا ڪيا جن ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن ??ي ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي 30 لک ڊالر جو عطيو ۽ غزه جي نئين سر تعمير ۾ سهڪار جو واعدو پڻ شامل آه??. چيني صدر پنهنج?? ملڪ طرفان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام ۽ ان لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته غزه تي اسرائيل جي جنگ اڻڄاڻايل مدي تائين جاري نٿي رهي سگهي ۽ وچ اوڀر ??ي ان مسئلي جو ٻه رياستي حل اڻٽر آه??.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ