رياض-05 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چ??و آهي ته غزه پٽي ۾ في الحال جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊرڊ ۾ ٿيل پرڏيهي معاملن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چ??و ته گڏيل قومن جي فيصلي جي روشني ۾ سعودي عرب غزه ۾ عالمي فوج مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو. ان عالمي فوج جو مقصد ??لس??يني اٿارٽي جي مدد ڪرڻ هوندو. شهزاده فيصل بن فرحان چ??و ته غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسان کي روزانو اهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي ??لس??ين مسئلي جي ٻه رياستي حل کي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن.هن چ??و ته اسپين سميت ٻين يورپي ملڪن پاران ??لس??يني رياست کي تسيلم ڪرڻ جا اعلان اميد جو هڪ ڪرڻو آهن. شهزاده فيصل بن فرحان چ??و ته اسان کي لبنان جنگ جي ڦه??جڻ جو خدشو آهي ڇ??ڪاڻ ته لبنان ۾ ڪو به مستحڪم سياسي منظر نامو نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي خطاب ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته غزه ۾ جاري جنگ رڪجڻ سان لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ رڪجڻ ۾ مدد ملندي.
غزه پٽي ۾ جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena