نئين دهلي – 01 آگسٽ (اي پي پي) انڊين ن??شن?? ڪانگريس جي اڳواڻ سونيا گانڌي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير جي خراب صورتحال تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڇتي تنقيد جو نش??نو بڻايو. هن چيو ته مودي حڪومت ڪش??ير ۾ حالتون معمول تي آڻڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي پر علائقي جي صورتحال سندس دعويٰ جي ابتڙ آهي. ڪش??ير ميڊيا سروس مطابق سونيا گانڌي چيو ته مودي حڪومت چئي رهي آهي ته ڄمون ڪش??ير ۾ حالتون صحيع ٿيون آ??ن پر تازي عرصي ۾ رڳو ڄمون جي علائقي ۾ 11 حملا ٿيا آهن جڏهن ته وادي ۾ به اهڙا ئي حملا ڏٺا ويا. هن چيو ته انهن حملن سان والاريل علائقي ۾ حالتون بهتر ٿيڻ جي دعواعن جي نفي ٿئي ٿي. سونيا گانڌي مني پور ۾ جاري مسلسل بدامني تي به مودي حڪومت کي تنقيد جو نش??نو بڻايو. هن چيو ته ملڪ جا نوجوان ۽ هاري به حڪومتي پاليسين سبب شديد پريشان آهن. اي پي پي/ ص – ب/ م – ش / ر – م 13:21
ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي صورتحال مودي حڪومت جي دعوائن جي ابتڙ آهي: سونيا گانڌي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔