اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) 15 هين چائنا انٽرنيشنل ا??وي ايشن اينڊ ايرو اسپيس نمائش جو افتتاح چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جي شهر زهوهائي ۾ ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب زهو هائي ايئر شو 2024ع ۾ پاڪستان سميت 47 ملڪن ۽ خطن جون 1022 ڪمپنيون شرڪت ڪري رهيون آهن جيڪي گذريل ا??ئر شو جي ڀيٽ ۾ 104 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هلندڙ سال ا??ئر شو ۾ ٿيم تي ٻڌل 7 نمائشي هالز آهن، موجود ايئر شو ۾ دنيا جي جديد ترين مصنوعات جي نمائش جاري آهي جڏهن ته ايئر شو بابت لاڳاپيل ڪانفرنسز ۽ فورمز پڻ منعقد ڪيا پيا وڃن جن لاءِ ٽيڪنيڪل مٽاسٽا ۽ معاشي ۽ واپاري سهڪار لاءِ هڪ پ??شيوراڻو پليٽ فارم تيار ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون