اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ڪيس ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آهي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ناٺي کي دبئي ?? گرفتار ڪيو ويو آهي، اسڪينڊل ۾ افتخار چوڌري جي پٽ، ڌي ۽ سيڻ جو نالو به آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ناٺي مرتضيٰ امجد ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جو مالڪ آهي جيڪو دبئي فرار ٿي ويو هو، ان جي گرفتاري جا وارنٽ نيب جاري ڪيا هئا، وز??راعظم عمران خان ڪيس جي حوالي سان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وز??ر چوڌري فواد حس??ن چيو ته هاڻي پاڪستان جي اندر طاقتور جو به احتساب شروع ٿي ??ڪو آهي، وز??راعظم جي لاهور دوري جي موقعي تي ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جي متاثر ماڻهن وز??راعظم هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز