اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي دعائن سان اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشمير مان ظلم ختم ٿيندو، ڏاڍ ۽ طاقت جي ڀارتي حربا مليا ميٽ ٿيندا ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، ڪشميري ??وام خاص طور تي عورتون پنهنجي عزم، صبر ۽ رت سان ڪشمير جو داستان لکي رهيون آهن، اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ميڊيا جي مختلف شعبن ??ان لاڳ??پي?? عورتون اڄ پس منظر جي ڪردار مان نڪري ??ستن تي اچي ڪشميري ??ورتن کي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائڻ لاءِ گڏ آهن جنهن جي چهرن تي ڪشمير سان رشتي جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي ۽ ظلم آخري هڏڪيون وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان به پنهنجي دوري ??وران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جو آواز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارتي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ميڊيا سان لاڳ??پي?? عورت ڪارڪنن ۽ آفيسرن جي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.
سڀني جي دعائن سان ڪشمير مان ظلم جلد ختم ٿيندو: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada