اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ جي ??اء?? سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شعبي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرجي، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وا??گر کائي رهيو آهي، اسلام آباد اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين ??اء?? چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسلامڪ فنانسنگ جو بنياد صرف ڏيڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آهي، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي ??اء?? بئنڪنگ ۽ فنانسنگ جون سهولتون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??در 10 هين گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي ان جي ذريعي اسلامڪ فنانسنگ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي بئنڪاري ۽ مالياتي نظام کي سگهه ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ ??اء?? به سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 سيڪڙو بئنڪاري اسلامي قانونن موجب ٿي رهي آهي، اسلامڪ فنانسنگ جو حصو گلوبل فنانسنگ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادارا اسلامي بئنڪاري کي ترقي ڏيڻ ??اء?? ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.
اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa