اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ ??طلاعات واري ڪميٽي سان شيئر ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات واري ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏهن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران ??يب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن ??جو??ز ڏني ته جڏهن انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ??يندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان ??عاملي کي بحث هيٺ آڻي.
براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria