اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومت?? جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي ح??الي سان پنهنجي صدارت ۾ جائزي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پارلياماني س??ڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي س??نئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليمي نصاب ۾ شامل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات جي ح??الي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر خاص طور تي عالم سڳورن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. استاد?? جي ٽريننگ ۽ امتحان?? جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته سيرت النبي ﷺ ئي اسا?? جي نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخري نبي ﷺ جي س??رت جو سڀ کان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حسن طرز زندگي آهي. هن چيو ته سمورن معاشرتي مسئلن جو بهترين حل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام سان گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي ح??ات مبارڪه مان چونڊ سنهري اصول ٻارن کي پڙهايا ۽ سمجهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومت?? جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.
قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ