اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دو??ي تي لنڊن پهچي ويو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ۽ نائب سفير ڊاڪٽر فيصل عزيز ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اڄ رات پاڪستان هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي برطانوي فارن افيئرز ڪميٽي جي سربراهه ۽ پارليامينٽ ميمبرن، برطانوي پرڏيهي وزير الزبيٿ ٽرس ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائنده شخصيت?? سان ملاقات پڻ ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي ش??بن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير لنڊن ۾ ميڊيا نمائند?? سان ڳا??هه ٻو??هه ڪندو ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير جو اهو برطانيا جو د??رو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری