??سل??م آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڊينمارڪ ۾ مقرر پاڪستان جي سف??ر احمد فا??وق ??رڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير زپي ڪوفوڪا تازو پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي، پاڪستان ڊينمارڪ سان اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي واپار، سرمائي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ م ٻطرفي تعاون کي وڌي?? مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سف??ر احمد فا??وق جي خدمتن کي ساراهيو، سف??ر احمد فا??وق ??رڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجي سڀني توانائين کي استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي وزير سان ڊينمارڪ ۾ مقرر پاڪستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا