لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي ۽ وزيراعظم کي پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پنجاب ۾ ڀاڻ جي آبادگارن کي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ ڪيل انتظامي قدمن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال کي تسلي بخش قرار ڏيندي وڌيڪ بهتري آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، وزيراعظم صوبائي انتظاميه کي منصوبن جا اثر عوام تائين پهچائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت ڪ??ي. وزيراعظم چيو ت?? صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبا وقت تي م??مل ٿيڻ گهرجن ۽ عوام کي هر قسم جي رليف جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي، وزيراعظم حڪومت جي فلاحي منصوبن جي اثرن کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪ??ي، ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل، آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري عامر جان به موجود هئا.
وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں