اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ??اراهيو آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقا?? ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجاي??، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي ??اراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي ??رپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ??اراهيو.
وزيراعظم پاران عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ