اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير چيو آهي ته اسان لاءِ سڀني کان وڏو چيلنج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موجود 6 لک کان وڌيڪ ڳورهارين عورتن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي جان بچائڻ آهي، متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪيمپس لڳايا پيا وڃن جتي ٽائيفائيڊ، چمڙي ۽ نمونيا سميت ڪيترن ئي بيمارين جو علاج جاري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گلو??ل فنڊ جي پا??ستان جي سينيئر منيجر ازسڪان سان ملاقات دوران ڪيو. پا??ستان ۾ گلو??ل فنڊ جي صحت واري وزارت جي اختيارين سان ايندڙ ٽن ??ال?? جي امداد بابت ??ال??ه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي گلو??ل فنڊ جي سينيئر منيجر ازسڪان چيو ته ڏکين حالتن باوجود وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ سند صحت جي حوالي سان قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته گلو??ل فنڊ جي مدد سان پا??ستان جي صحت جي اختيارين ٽي بي، ايڊز، مليريا ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان اڳتي پڻ پا??ستان جي حڪومت سان گڏجي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورا سمڪاني قدم کڻنداسين، ملاقات ۾ ڪامن ميڊيڪل يونٽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر مصطفيٰ جمال قاضي پڻ موجود هو.
وڏو چيلنج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موجود ڇهه لک ڳورهارين عورتن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ ٻار ۽ ماءُ جي جان بچائڻ آهي: وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج