اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي منصوبي ”پاڪستان انفارميشن سينٽر“ جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي، اسلام آباد ۾ نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڄاڻي تي پهتو. ان تربيتي ورڪشاپ ج?? موضوع ”فيڪ ني??ز ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيي جو تدارڪ“ هو جڏهن ته ورڪشاپ ج?? مقصد شرڪت ڪندڙن کي فيڪ ني??ز ۽ منفي پروپئگنڊه جي تدارڪ 7 ان جو ٽوڙ ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کان روشناس ڪرائڻ هو. ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ ج?? افتتاح اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪيو. ورڪشاپ ج?? ٻئي ڏينهن پهرين سيشن ۾ خيبر ٽي وي جي ڊائريڪٽر حسن خان شرڪت ڪندڙن کي انفارميشن ۽ فيئر ۽ پروپئگنڊه جي ٽولز ۽ پروپئگنڊه جي تدارڪ ??اب?? تفصيلي پريزنٽيشن ڏني ۽ تربيتي ورڪشاپ ج?? شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا. ٻئي سيشن ۾ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڇپجڻ کان اڳ خبرن جي تصديق ڪرڻ ۽ سچائي کان ڪم وٺڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ شرڪت ڪندڙن کي رياست جي خلاف پروپئگنڊه جو ٽوڙ ڪرڻ جي حڪمت عملي ??اب?? ٻڌايو. ورڪشاپ ج?? ٽئين سيشن ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ شرڪت ڪندڙن کي سچي خبر جي ضرورت ۽ اهميت ۽ خبرون ٺاهڻ جي سموري عمل ۾ قومي مفادن کي نظر ۾ رکڻ ??اب?? ٻڌايو ۽ انهن کي فيڪ ني??ز ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ ??اب?? آگاهه ڪيو. ورڪشاپ ج?? پڄاڻي تي خاص مهمان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل انفارميش سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا ٻن ڏينهن واري ٽريننگ ورڪشاپ ج?? سمورن شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. بعد ۾ هن مهان مقررن کي يادگاري شيلڊز پيش ڪيون. ان موقعي تي خاص مهمان سيد مبشر توقير ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا کي پڻ يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. ورڪشاپ ج?? شرڪت ڪندڙن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ان قدم کي ساراهيندي اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پي آءِ ڊي تعاون سان نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڄاڻي تي پهتو
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais