اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم جي ??ريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 24 هين ايف سي ايس ڪانووڪيشن جي ??قريب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد ۾ ٿي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان هو. تقريب ۾ 4 پي ايڇ ڊي، 48 ايم فل ۽ 208 بي ايس گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون. پهرين ۽ ٻي پ??زيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊلز ۽ امتيازي سندون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي انهن جي ??عليمي ڪيريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل کي مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ??ريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بنائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. آخر ۾ هن سمورن فارغ ٿيندڙ شاگردن، انهن جي والدين ۽ گهرڀاتين کي پ??هنجي ??عليم کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏني. اين ڊي يو جي ??در ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمو?? تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قوم جو ڪردار ان جي ??عليمي ادارن ۾ جڙي ٿو. هن چيو ته تعليمي ۽ تحقيق ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي يو پنهنجي ??اگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول ۽ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اين ڊي يو گريجوئيٽس کي پ??شيواراڻي ڪيريئر ۾ ڪردار ۽ عزم جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جا شاندار نتيجا آيا آهن. ان کان اڳ اين ڊي يو جي ??در ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمو?? تقريب ۾ خاص مهمان، معززين، استادن، والدين ۽ شاگردن جو استقبال ڪيو.
تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa