اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عبوري مئنيجمينت ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جي ڪوششن کي س??راهيندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ سخت محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عبوري مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي. نجم سيٺي وز??راعظم کي پاڪستان ۾ اداراجاتي (Departmental) ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ايڊيشن 8 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. وز??راعظم ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ نجم سيٺي جي ڪوششن کي س??راهيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ سخت محنت ۽ ڀرپُور جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo