اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) خاتون ??ول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح جي ادارن جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن ۽ هنر موجب نوڪريون ڏيڻيون پونديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن بابت قومي تربيتي مرڪز اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون ??ول چي?? ته خصوصي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، نجي شعبو وڌيڪ انگ ۾ خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏي، خصوصي ماڻهو محنتي ۽ هنرمند آهن، آجر انهن بابت مثبت راءِ رکن ٿا. بيگم ثمينه عارف علوي چي?? ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ معاشي شموليت جي لاءِ انهن کي ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻي تمام اهم آهي. خاتون ??ول قومي تربيتي مرڪز ۽ اسلام آباد چي??بر آف ڪامرس پاران 104 خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ جي واعدي کي ساراهيو. هن ڪرسٽوفر بلائنڊ مشن پاران خصوصي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ 25 ڪٽس جي فراهمي کي ساراهيندي چي?? ته سڄي ملڪ جي ايوان صنعت ۽ واپار ۽ فلاحي تنظيمون ??صوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ وڌي چڙهي ڪم ڪن. خاتون ??ول چي?? ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا هڪ ٻئي جي طرزعمل، معياري طريقيڪار ?? تجربي مان سکي سگهن ٿا، اسڪولن کي خصوصي ٻارن جي لاءِ موزون ??ڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي اس??ادن کي وڌيڪ انگ ۾ تربيت ڏيڻي پوندي، اس??ادن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ انهن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏئي سگهجي ٿي. هن بئنڪن، پارڪن، بازارن ۽ عوامي جاين تي محفوظ ۽ اس??عمال جوڳا ريمپ تعمير ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ انهن کي درپيس مسئلن بابت وڌيڪ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ خاتون ??ول کي قومي تربيتي مرڪز ۾ موجود سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. خاتون ??ول کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن کي ڪمپيوٽر، ڪرافڪ ڊيزائن، موبائيل ريپئرنگ سميت مختلف هنر سيکاريا وڃن ٿا، اسلام آباد جي مختلف اسڪولن ۾ 1700 کان وڌيڪ خصوصي ٻار عام ٻارن سان گڏ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، خصوصي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ قومي تربيتي مرڪز هيستائين 850 اس??ادن جي تربيت مڪمل ڪري چڪو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي مرڪز ۾ موجود مختلف ليبارٽرين ۽ تربيتي سهولتن جو جائزو ورتو. هن خصوصي ٻارن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر فراهم ڪرڻ تي مرڪز جي خدمتن کي ساراهيو. خاتون ??ول نجي شعبي جي تعاون ??ان خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ جي لاءِ مرڪز جي قدمن کي پڻ ساراهيو. خاتون ??ول تربيت مڪمل ڪندڙ خصوصي شاگردن ۾ ڊپلوما ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.
خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪرڻو پوندو: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج