بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ لا??ِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اها ڳالهه چين ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات جي لا??ِ اچڻ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي تعاون جي فروغ لا??ِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳاله?? ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لا??ِ پاڪستان ۽ روس هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لا??ِ پڻ ٻطرفو تعاون اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل سوچ رکن ٿا، روس سان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان تعميري ۽ مثبت ڳاله?? ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته بطور سينيٽر روس جو دورو ڪري چڪو آ??يان، ٻئي ملڪ ويجها ثقافتي ۽ اخلاقي قدر رکندڙ آهن. هن چيو ته پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش آهي، 24 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي وارو هي ملڪ توانائي جي وڏي مارڪيٽ آهي، توانائي جي شعبي ۾ روسي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڳاله?? ٻولهه ڪندي چيو ته خطي جي معاشي ترقي جي لا??ِ سلامتي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، خطي جي معاشي ترقي جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي غذائي تحفظ جي لا??ِ روس قدم کڻي رهيو آ??ي، روس غريب ترين آفريقي ملڪن کي مفت اناج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آ??ي. هن چيو ته پاڪستان سان معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada