اسلام آ??اد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي ??يو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيف ويلفيئر آگاهي فائونڊيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فائونڊيشن جي صدر شيخ محمد منشا جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو پوندو. هن ??يو ته ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه ۽ تعليم تائين پهچ ۾ آساني فراهم ڪري سگهجي ٿي. صدر ??يو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڇوٽ ڏني پئي وڃي جڏهن ته نادرا جا خصوصي ??ڃا??پ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي ??ڃا??پ ڪارڊ ۽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين. صدر ??يو ته حڪومت، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي گڏجي درپيش چئلينجز تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. وفد صدر کي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ فائونڊيشن جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو.
خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی