لاهور – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي غيرمعمولي چئلينجز ??رپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تحقيق ۽ علم حاصل ڪرڻ لازمي آهي، علم حاصل ڪرڻ ??ان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه هن انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، وائيس چانسلر آءِ ٽي يو پروفيسر ڊاڪٽر عدنان نور، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز، فيڪلٽي ميمبر ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي غيرمعمولي چئلينجز ??رپيش آهن جن ۾ معاشي بدحالي، عدم برداشت ۽ پرتشدد رويا شامل آهن. انهن چئلينجز ??ي ضابطو آڻڻ جي لاءِ شاگردن جي اهم ڪردار تي زور ڏيند?? هن چيو ته قومون چئلينجز کي منهن ڏينديون آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعليم سڀ کان اهم ذريعو آهي، انسانيت سمورن مذهبن جو نصب العين رهي آهي ۽ اهو ئي مقصد تعليم جو آهي ته ا??ان هڪ بهتر ان??ان بڻجون. هن چيو ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موسمياتي ايمرجنسي جا اثر هر ڏينهن ڏسون ٿا، ا??ان کي قدرتي ماحول جي تحفظ جي لاءِ پنهنج?? ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منفي پروپئگنڊه جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي نگران وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي ??ان هن وقت ڪجهه ماڻهو ريٽنگ جي چڪر ۾ سوشل ميڊيا تي غلط ۽ ڪوڙيون خبرون ڦهلائين ٿا جنهن جو ا??ان کي مقابل?? ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جهڙيون ريسرچ يونيورسٽيون جنهن بنياد تي قائم ٿيون آهن، جيڪڏهن ان کي برقرار رکيو وڃي ته مشڪلاتن جو حل نڪري ايندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ان حوالي ??ان ناليواري جرمن ڊراما نگار بهٽولٽ بريٽ جي مشهور ڊرامي ”دي ايڪسيپشن اينڊ دي رول“ (ڇوٽ ۽ قاعدو) جي پرولاگ جو پڻ حوالو ڏنو. ڪانووڪيشن ۾ 524 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون جڏهن ته 5 شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۽ 16 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ??ان نوازيو ويو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان ??ان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب ۾ شاگردن جي لاءِ هاسٽل جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تحقيق ۽ علم حاصل ڪرڻ لازمي آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس