ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ??طل??عات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ويجهي تعاون، عام چونڊن جي انتظامن، صحافين کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??طل??عات واري نگران صوبائي وزير نگران وفاقي وزير کي صوبي ۾ چونڊو?? منعقد ڪرڻ جي انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عام چونڊن جي لاءِ ضروري فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سنڌ صوبي کي پرامن ۽ شفاف چونڊو?? منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ جو سيڪريٽري ??طل??عات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل ??بلڪ ريليشنز محمد سليم خان پڻ موجود هئا.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔