اسلام ??با?? – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي فروغ، آءِ ٽي روانگي واپ??ر وڌائڻ ۽ اسٽارٽ اپس کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ح??ال?? سان آءِ ٽي پارڪس جو قيام خوش آئنده آهي، اسلام ??با?? آءِ ٽي پارڪ جي تعمير جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان اسلام ??با?? آءِ ٽي پارڪ جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو، 2025ع ۾ سڄي ملڪ ۾ 100 نوان اي – روزگار مرڪز ۽ 10 نوان سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪس جي ح??ال?? سان اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته آءِ ٽي جي فروغ، آءِ ٽي روانگي واپ??ر وڌائڻ ۽ اسٽارٽ اپس کي سهولتون ڏيڻ جي ح??ال?? سان آءِ ٽي پارڪس جو قيام خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته اسلام ??با?? آءِ ٽي پارڪ جي تعمير جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس جي ڪارڪردگي جي ح??ال?? سان ٿرڊ پارٽي ايويلي??اي??ن ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران آءِ ٽي پارڪس جي ح??ال?? سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان اسلام ??با?? آءِ ٽي پارڪ جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو. اسلام ??با?? آءِ ٽي پارڪ ۾ اسٽارٽ اپس، انڪيوبيشن سينٽرز، بئنڪس، ريسٽورانٽس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي آگاهه ڪيو وي?? ته ڪراچي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو منصوبو 2027ع تائين مڪمل ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو وي?? ته ملڪ 29 شهرن ۾ 43 سافٽ ويئر ٽيڪالاجي پارڪس قائم ڪيا ويا، 2025ع ۾ سڄي ملڪ ۾ 100 نوان اي – روزگار مرڪز ۽ 10 نوان سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس قائم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
ملڪ ۾ آءِ ٽي جي فروغ، آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ ۽ اسٽارٽ اپس کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي پارڪس جو قيام خوش آئنده آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی