بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – چي?? سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪست??ن جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا گڏيل لاڀائتي تعاون تي ??ڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ – چي?? اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو، چي??ي سيڙپڪار ۽ واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ۾ پاڪستاني سفارتخاني، چائنيز پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز ۽ چائنا انٽرنيشنل ڪلچرل ڪميونيڪشن سينٽر جي حصيداري سان منعقد پاڪ – چي?? دوستي ۽ ڪاروباري تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پاڪساني وفد جي ٻين ميمبرن ۽ ناليوارن چي??ي معززن، عملدارن، تعليمي ماهرن، ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پنهنجي اهم خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چي?? سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪست??ن جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا گڏيل احترام، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل فائديمند تعاون تي ??ڌل آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ تهذيبي لاڳاپن تي زور ڏيندي هن پاڪ چي?? دوستي جي خصوصي ۽ منفرد ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪا هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪسوٽي تي ??وري لٿي. وزيراعظم عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خوشحالي جي سفر جي ذريعي خاص طور تي اسرندڙ دنيا جي ملڪن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي چي?? جي موقف کي ساراهيو. وزيراعظم بني نوع انس??ن جي گڏيل مستقبل جي تعمير جي صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ عالمي تهذيبي قدمن سميت ان سان لاڳاپيل قدمن کي ساراهيو. هن موجوده دنيا کي درپيش امن، سلامتي ۽ ترقي جي چئلينجن جو عملي حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن قدمن ج?? تڪميل ڪئي. سي پيڪ کي پاڪست??ن جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي اهم حصي جي طور تي اجاگر ڪندي وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ گڏيل طور تي ??ائديمند ٻطرفي تعاون جي ڪاميابي ۽ پاڪست??ن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ چي?? اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو. وزيراعظم چي??ي سيڙپڪارن ۽ واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل عالمي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سلوشن پيش ڪري ٿي. هن کاڻين جي کوٽائي، آءِ سي ٽي ۽ زراعت جي ترجيحي شعبن ۾ عملي ۽ گڏيل طور تي ??اڀائتي تعاون تي زور ڏنو.
پاڪ – چين لاڳاپا گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ