اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) جرمني ۾ پ??ڪس??اني سفارتخاني تي مشتعل مظاهرين جي حملي ۽ قومي جهنڊي ل??هڻ جي واقعي جي خلاف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران ”حرمت پر??م“ مهم جي شروعات ڪندي وفاقي وزيرن پ??ڪس??اني جهنڊي سان گڏ ??صويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي وزيرن سوشل ميڊيا تي قومي جهنڊي سان والهاڻي محبت جا پيغام به لکيا. نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير سردار اويس لغاري، عبدالعليم خان، راڻا تنوير حسين، عطاءُ الله تارڙ سميت ٻين وزيرن به قومي جهنڊي سان گڏ ??صويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ”چنڊ روشن چمڪندو رهي ستارو، سڀ کان اونچو هي جهنڊو اسان جو آهي، پ??ڪس??ان جي دشمنن کي واضح پيغام“ سان گڏ ??وشل ميڊيا تي تصوير پوسٽ ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر مصدق ملڪ، علي پرويز ملڪ ۽ ڄام ڪمال خان به قومي جهنڊي ۽ پ??ڪس??ان زندهه آباد جي پيغام سان گڏ ??صويرُون جاري ڪيُون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي چيو ته سياسي ڪارڪن، صحافي، دانشور، استاد، وڪيل، ڊاڪٽر، آبادگار، مزدور، شاگرد، ڪاروباري ماڻهو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ محب وطن پ??ڪس??اني ۽ پ??ڪس??اني نوجوان ”حرمت پر??م“ مهم ۾ حصو وٺن. هن چيو ته پ??ڪس??ان جو جهنڊو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ خودمختياري جي علامت آهي. پ??ڪس??اني جهنڊو قوم جي اتحاد ۽ يڪجهتي جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته آگسٽ پ??ڪس??ان جي آزادي جو مهينو آهي ”حرمت پر??م“ جي ان مهم کي مسلسل جاري رکنداسين. حرمت پر??م قومي ذميواري آهي ۽ هر پ??ڪس??اني جو فرض آهي ته هو ان تي عمل ڪري. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي وفاقي وزيرن جي ”حرمت پر??م“ مهم کي تمام گهڻي پذيرائي ملي رهي آهي.
وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران”حرمت پرچم“ مهم جي شروعات
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔