اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي پنهنجي سر زمين تان زبردستي بيدخلي ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سان واڳيل انساني ??عاملن تي گڏيل قومن جي اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ تي عالمي برادري کان ف??ري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته ??المي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو. عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن.وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومون جي تازي رپورٽ خوفناڪ ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهه جو تازو ثبوت آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ شاهدي ڏئي رهي آهي ته ڪو به ڏينهن اهڙو ناهي جنهن ۾ بي گناهه فلسطينين جو رت نه وهايو ويو هجي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته ??سرائيل جو سڀ کان وڏو نشانو فلسطيني ??ار بڻجي رهيا آهن، صاف نظر اچي رهيو آهي ته ??سرائيل فلسطينين جو نسل ختم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ٿئي 322 ڏينهن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ اڍائي لک فلسطينين جي سندن گهرن مان زبردستي بي دخلي عالمي ادارن، عالمي ضمير ۽ عالمي قانون لاءِ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته ??رف ٻن ڏينهن ۾ 146 فلسطينين کي پنهنجي گهرن مان ناحق بي دخلي سان اسرائيل جي ظلم جي رفتار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ مان تصديق ٿئي ٿي ته هڪ پاسي خطرناڪ هٿيارن سان ف??سطينين جي نسل ڪشي جاري آهي ته ٻئي پاسي بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ??تر غزه ۾ صرف هڪ سيڪڙو ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ چار سيڪڙو ٻارن کي خوراڪ ملي رهي آهي، اسرائيل هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستي باهه ۽ بارود وسائي عام فلسطينين جي قتل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??نسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته ??المي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??نسانيت جي قاتلن کي سزا ڏني ??ڃي، مظلومن جو تحفظ ڪيو وڃي، پاڪستان ف??سطينين خاص طور تي ٻارن لاءِ خوراڪ جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ڪندو.
انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria