اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيره غازي خان ۾ دهشتگردي جو منصوبو نا??ام بڻا??ڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سي ٽي ڊي پنجاب بروقت ڪامياب آپريشن ڪري فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سي ٽي ڊي پنجاب کي شاباس ڏني. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب انتهائي پروفيشنل انداز ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ذريعي ڊي جي خان ۾ دهشتگردي جي منصوبي کي نا??ام بڻايو . فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سي ٽي ڊي پنجاب جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ??و. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب هميشه فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي منصوبن کي نا??ام بڻايو آهي. سي ٽي ڊي پنجاب جي بهادر جوانن تي فخر آهي ۽ اهو فورس اسان جو سرمايو آهي.
سي ٽي ڊي پنجاب پاران وقتائتو ڪامياب آپريشن، فتنه الخوارج جا 02 دهشتگرد انجام تائين پهچي ويا : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ