اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪند?? واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏن?? آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وزيراعظم ??ائ??س ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، جن کي مختلف شعبن ۾ تعاون جي ذريعي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم حڪومت جي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ لکين پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ پل جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جو ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم ڪنگ چارلس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر برطانوي حڪومت پاران پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت