اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته س??ارتي مصروفيتن ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم ??ي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي تيارين کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ نيويارڪ نه ويندو. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار جي شرڪت بابت ميڊيا جي قياس آرائين ??ي حوالي سان وضاحت ڪندي ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت واري پروگرام ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ