اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ ۽ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي کي ڪاڪول جهڙو ادارو بڻايو ويندو، جڏهن ت?? پوليس اڪيڊمي ۾ سزا طور آفيسرن جي مقرري واري روايت ختم ڪرڻي پوندي. 10 آءِ جيز پوليس اڪيڊمي جي آنرشپ وٺن ت?? ا??ان سٺن آفيسرن کي فيلڊ ۾ آڻي سگهون ٿا. پوليس آفيسر پنهنجي ذميوارين، عوام جي خدمت ۽ ترقي تي ڌيان ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ اي ايس پيز 50 ڪامن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ک?? خطاب دو??ان ڪيو. گهرو وزير سمورن ڪامياب آفيسرن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته سکيا مڪمل ڪندڙ آفيسرن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم عوام جي خدمت آهي. هن چيو ته توهان ديانتداري ??ان عوامي مسئلا حل ڪندا ته هر ميدان ۾ ڪامياب ٿيندا. نيشنل پوليس اڪيڊمي کي عالمي معيار موجب بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هن نيشنل پوليس اڪيڊمي کي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي وانگر عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو. گهرو وزير چيو ته ا??ان اڪيڊمي کي جديد بڻائڻ لاءِ 50 ڪروڙ روپين جو بندوبست ڪيو آهي جنهن ۾ 25 ڪروڙ نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ 25 ڪروڙ حڪومت پا??ان فراهم ڪيا ويندا. هن ان اڳالهه تي زور ڀريو ته اها روايت ختم ڪئي وڃي تي هتي سزا طور آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو. فائرنگ جي سهولت ۽ جديد سکيا سينٽرز جي حوالي ??ان گهرو وزير چيو ته اڪيڊمي ۾ فائرنگ جي سهولت جي گهٽتائي کي ختم ڪري ٽاسڪ فورس جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جديد سکيا مرڪز قائم ڪيا ويندا جتي ملڪ جي مختلف حصن مان ماڻهو سکيا حاصل ڪرڻ ايندا. هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي يونيورسٽي جي معيار تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن جي ڪم ڪيو ويندو ته جئين جديد سکيا ڪورس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي پوليس آفيسرن کي وڌيڪ قابل بڻائي سگهجي. گهرو وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان پوليس آفيسر عوامي خدمت ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪندا.
نيشنل پوليس اڪيڊمي کي پي ايم اي ڪاڪول جهڙو عالمي ادارو بڻايو ويندو: گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ