اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات
واري وفاقي وزير ??بد??لعليم خان چيو آهي ته يورپ لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائين(پي آءِ اي) جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه ??هي?? هي فلائيٽ آپريشن هن
اداري جي نجڪاري لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، انشاءُ ??لل?? جلد ئي پي آءِ اي کي
برطانيه ۽ آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي، پي آءِ اي جي
نجڪاري جي هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هاڻي
ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ته هو يورپ لاءِ پي آءِ اي ۾ سفر ڪري سگهندا.
وفاقي وزير ??بد??لعليم خان چيو ته انشاءُ ??لل?? جلد ئي پي آءِ اي کي برطانيه ۽
آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي. وفاقي وزير چيو ته پي آءِ
اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ مسئلا ختم ٿي چڪا آهن، هاڻي تيزي سان مرحلا طئي
ٿيندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي وڪري لاءِ آءِ ??يم ايف ٻن اهم اشوز کي منظور
ڪري ورتو ??هي?? نون جهازن جي خريداري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم
ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي سمورن نقصانن کي هولڊنگ ڪمپني ۾
منتقل ڪنداسين، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي ڪنهن به پراڻي بقايائن جي
رقم جي ادائيگي کانسواءِ وڪرو ڪنداسين. ??بد??لعليم خان چيو ته انهن سڌارن
کانپوءِ انويسٽرز لاءِ پي آءِ اي جي خريداري وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندي، پي آءِ
اي جي پرائيويٽائيزيشن لاءِ معاملا تيزي سان اڪلايا پيا وڃن، جلد خوشخبري
ملندي.
يورپ لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه آهي، هي فلائيٽ آپريشن هن اداري جي نجڪاري لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار