اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ ت?? زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان تاجڪستان جي توانائي واري وزير دلبر جمعه جيڪو پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پنهنجي تاجڪستان جي دوري ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمان ??ان رياض ۽ باڪو ۾ پنهنجي تازين ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم تاجڪ صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان جو صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪند?? زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد ??ان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. تاجڪستان جي وزير پاڪستان ۾ استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ ت?? زور ڏنو. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطي جا ٻيا منصوب?? پڻ بحث هيٺ آيا. ڌرين مواصلات خاص طور تي زميني رابطن، توانائي، تعليم، زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ت?? پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سيڙپڪاري ۽ مواصلات وا??و وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن وا??و وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وا??و وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وا??و وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
وزيراعظم پاران پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : راکی